شهداد خان ٽالپر اول

شهداد خان ٽالپر اول: سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن مان سڀ کان پهريون نالو مير شهدادخان ٽالپر اول جو، ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ملي ٿو. مير شهداد خان ابن مير هوتڪ خان ابن مير سليمان خان ابن مير شاهو خان مشهور ٽالپر سردار ٿي گذريو آهي. هي اڃا ننڍو هو ته سندس والد فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سندس پرورش سندس چاچي مير صوبدار خان ڪئي، پر ترت ڪجهه اختلافن سبب پنهنجي چاچي کي ڇڏي ميان يار محمد خان ڪلهوڙي وٽ آيو، جنهن منجهس سرداريءَ جون سموريون لياقتون ڏسي کيس پاڻ وٽ رکيو ۽ اڳتي هلي ميان يار محمد کيس ‘برخوردار’ جو لقب ڏئي پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو.
سنڌ جي تاريخ ۾ هي مشهور روايت آهي ته، ميان يار محمد جي عهد ۾، ملتان جي هڪ امير شاهه محمد پٽ غازي خان ديره جات يعني ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان تي ڪاهه ڪري فساد مچايو، ان وقت 1113هه/ 1701ع ۾ مغل شهزادو معزالدين بکر ۽ ملتان مان ٿيندو پنجاب ۾ آيو. جتي هن مير شهداد خان کي فساد ختم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. مير شهداد خان وڏي بهادريءَ سان شاهه محمد جي فساد کي ختم ڪري امن قائم ڪيو، جنهنڪري مغل شهزادو معزالدين مٿس مهربان ٿيو ۽ کيس پٽ باران واري جاگير عطا ڪيائين. هن کي چار پٽ: ڄام نندو خان، مير چاڪر خان، مير بهرام خان ۽ ميرو خان پيدا ٿيا. هنن چئني ڀائرن مان فقط مير خيرو خان لاولد فوت ٿيو. مير شهداد خان جي ٺٽي جي نواب سيد لطف علي رضوي ‘همت’ سان خاص دوستي هئي. تنهن کان سواءِ سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد به سندس گهڻي عزت ۽ تڪريم ڪندو هو ۽ هي ٻئي پاڻ ۾ سنڍو هئا.
مير شهداد خان، پَٽ باران ۾ مغلن خلاف جهيڙيندڙ قبيلن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري دهلي درٻار ۽ صوبي ٺٽي جي مغل عملدارن هن جي گهڻي همت افزائي ڪئي. ابتدا ۾ پاڻ جهوڪ واري بزرگ شاهه عنايت جو معتقد هو. بعد ۾ حالتون تبديل ٿيون ته صوفي شاهه عنايت جي خلاف سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. مغلن ۽ ڪلهوڙن سان گڏ مير شهداد خان به، صوفي صاحب کي دوکي سان مارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي واقعو 1130هه/ 1718ع ۾ پيش آيو. ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي دور ۾، مير شهداد خان اهم فوجي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان ڪري ڪلهوڙا حاڪمن هن کي ‘برخوردار’ جو لقب ڏنو، جو تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيو.
مير شهداد خان ٽالپر جو اولاد اڳتي هلي سنڌ جو حاڪم بڻيو. مير شهداد خان 1147هه/ 1734ع ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دور ۾ وفات ڪئي. سندس قبو سانگهڙ ضلعي ۾ شاهه پور چاڪر جي قريب آهي. (سجاڳ سانگهڙ، ص 49)


لفظ شهداد خان ٽالپر اولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو